آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سيڪا جي ڇهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي قازقستان پهچي ويو آهي. قزاخستان جي گادي واري شهر آستانه پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جو شاندار استقبال ڪيو ويو. قازقستان جي نائب وزيراعظم نور سلطان بايوف وزيراعظم جي آجيان ڪئي. ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل وفد وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سان گڏ آهي. وزيراعظم ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن تي ڪانفرنس جي ڇهين سربراهي اجلاس ۾ شر??ڪ ٿيندو. وزيراعظم 13 آڪٽوبر 2022ع تي سيڪا جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو. پنهنجي خطاب ۾ و??يراعظم سيڪا جي اهميت تي روشني وجهندو. سيڪا ايشيائي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پنهنجي خطاب ۾ و??يراعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. ياد رهي ته سربراهي اجلاس اربع کان آستانه ۾ شر??ع ٿيندو.