نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان غيرمعمولي ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيز ۽ موثر قدم کنيا آهن، پاڪست??ن جي لاءِ ماحولياتي انصاف جو مطالبو ڪريون ٿا ڇو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي واضح طور تي موس??يا??ي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد جي ڪري ٿي. گڏيل قومن جي جن??ل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجون مصروفيتون سهيڙيندي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جا ايندڙ مرحلا درپيش آهن، هي ٻوڏ هڪ وڏي ڪاٿي جو الميو آهي، هن گرمي جي موسم ۾ شديد گرمي پاڪست??ن جي ڪيترن ئي گليشيئرز کي وگهاري ڇڏيو، گرمي جي شدت جي ڪري معمول کان وڌيڪ برساتون ٿيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ ڪل نقص??ن جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي جيڪو ??ن جي مجموعي گهريل?? پيداوار جو 10 سيڪڙو آهي، ملڪ جو ٽيون حصو هن وقت پاڻي هيٺ آهي، ٻوڏ سان 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ هزارين زخمي ٿيا، 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، 7 هزار ڪلوميٽر رستا، 300 پليون ۽ 50 لک ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا. هن چيو ته پاڪست??ن جي گلوبل گرين هائوس گئس ۾ حصيداري 0.8 سيڪڙو آهي جڏهن ته پاڪستان کي موس??يا??ي تبديلين جي اثرن جي سڀ کان وڌيڪ شڪار 10 ملڪن ۾ شامل ڪي?? پيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ٻوڏ جو پاڻي گهٽ ٿيڻ کانپوءِ بحالي جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، تباهه ٿيندڙ انفراسٽرڪچر کي بهتر طريقي سان ٻيهر تعمير ڪيو ويندو ته جيئن مستقبل ۾ ايندڙ قدرتي آفتن جو مقابلو ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير چيو ته 30 آگسٽ تي گڏيل قومن ۽ پاڪست??ن جي وچ ۾ 160 ملين ڊالر جي فليش اپيل کي اپ گريڊ ۽ نقص??ن جو ڪاٿو مڪمل ٿي وڃڻ کانپوءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستا?? سمجهي ٿو ته عالمي برادري جا انساني حقن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغان عبوري حڪومت سان رابطا ضروري آهن جن ۾ عورتن جي حقن، سياسي شموليت ۽ افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف موثر ۽ ٺوس ڪارروائي شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان عورتن جي تعليم جي بنيادي حق سان گڏ بيٺل آهي. بلاول ڀٽو زرداري 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيراخلاقي قدم، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کي غيرقانوني طور تي ڀارت ۾ ضم ڪرڻ جي قدم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڀارتي حڪومت سمورين ڌرين جي لاءِ قابل قبول پرامن ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي حل جي لاءِ سياسي جڳهه کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.