اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان سيڪريٽري پاور ڊويزن راشد محمود لنگڙيال جي هدايت تي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيج ڪمپني لميٽيڊ (اين ٽي ڊي سي)، سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (سيپڪو) ۽ ضلعي انتظاميه دادو ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 500 ڪي وي گرڊ اسٽيسن اين ٽي ڊي سي دادو ۾ خيمه ب??تي قائم ڪري ڇڏي آهي. وفاقي وزير خيمه ب??تي جو دؤرو ڪيو. ترجمان اين ٽي ڊي سي مطابق مقامي ايم اين ايز، ايم پي اي ۽ مئنجينگ ڊائريڪٽر اين ٽي ڊي سي انجنيئر ڊاڪٽر رانا عبدالجبار خان پڻ ان سان گڏ هئا. هن ٻوڏ متاثر م??ڻه?? لاءِ فلڊ امدادي سرگمين جو جائزو ورتو. اين ٽي ڊي سي، سيپڪو ۽ ضلعي انتظاميه جي ٽيم وفاقي وزير کي بريف ڪيو ۽ فلڊ رليف ڪيمپ ۾ 100 ٽينٽ لڳايا پيا وڃن جيڪو 500 ڪي وي گرڊ اسٽي??ن دادو جي رهائشي ڪالوني جي احاطي ۾ قائم آهي. رليف ڪيمپ ۾ رهندڙ م??ڻه?? کي کاڌو، دوائون، پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ٻيون ضرورت واريون شيون فراهم ڪيون پيون وڃن. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت بي گهر متاثرن جي مسئلن کان پوري طرح واقف آهي ۽ ٻوڏ متاثر م??ڻه?? جي ٻارن جي تعليم جو جلد انتظام ڪيو ويندو. سول انتظاميه جي سفارشن مطابق ??يمه ب??تي کي وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان 500 ڪي وي گرڊ اسٽي??ن دادو کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ بندن ۽ ٻين حفاظتي قدمن جو جائزو ورتو. هن ان سلسلي ۾ اڻٿڪ ڪوششن تي پاڪ فوج، سول انتظاميه ۽ اين ٽي ڊي سي جي ڪوششن کي ساراهيو.