اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) پ??ڪس??ان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر عبدالله چيو آهي ته ايٿوپيا جو اسلام آباد ۾ پنهنجي سفارتي مشن جي باضابطا شروعات ڪرڻ جو فيصلو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ”اي پي پي“ کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته ايٿوپيا ۽ پ??ڪس??ان هڪ قانوني واپاري فريم ورڪ تيار ڪندا جيڪو ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن کي وڌيڪ ترغيب ڏيندو جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جي واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته ايٿوپيا ۽ پ??ڪس??ان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا 1958ع ۾ قائم ٿيا هئا جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا ۽ عالمي امن ۽ سلامتي ۾ مضبوط تعاون قائم رهيو آهي. ايٿوپيا جي سفير چيو ته پ??ڪس??ان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ به ايٿوپيا جي حمايت ڪئي آهي جنهن جي لاءِ اسان پ??ڪس??ان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. سي پيڪ ۾ ايٿوپيا جي دلچسپي بابت هن چيو ته سي پيڪ پ??ڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ بنيادي ڍانچي جي وڏن منصوبن مان هڪ آهي، اهو پ??ڪس??ان کي باقي دنيا سان ڳنڍيندو. هن چيو ته گوادر ۽ جبوتي مختصر ترين رستو آهي ۽ اسٽريٽجڪ طور تي اهو پ??ڪس??ان کي باقي آفريقا سان ڳنڍي سگهي ٿو. جمال بيڪر عبدالله چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو تحت جبوتي کان اديس ابابا تائين ريلوي جو منصوبو اڳ ۾ ئي کلي چڪو آهي، ايٿوپيا ان جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ سي پيڪ جي منصوبي ۾ خصوصي دلچسپي وٺي رهيو آهي. ايٿوپيا جي سفير پ??ڪس??انين جي لاءِ آن ارائيول ويزا پاليسي بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ماڻهن کي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه وڃڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جو اهو هڪ طريقو آهي ۽ اهي ايٿوپيا ۾ اچي سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو آهي ته انهن جي ويزا جي عمل کي اپ ڊيٽ ڪيو وڃي جيڪو تيز ۽ اعتماد جوڳو هجي. ان کان اڳ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير رضوان حسين راميٽو پڻ چيو هو ته ايٿوپيا پ??ڪس??ان جي واپارين جي لاءِ ويزا آن ارائيول جي سهولت فراهم ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي ته جيئن اهي ڪاروباري موقعا ڳولڻ جي لاءِ آساني سان آفريقي ملڪ جو دورو ڪري سگهن. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پ??ڪس??ان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو اٽڪل 63 ملين ڊالر آهي، ايٿوپيا جي پ??ڪس??ان کي درآمدات اٽڪل 4.6 ملين ڊالر آهي جڏهن ته ايٿوپيا کي پ??ڪس??ان جي برآمدات 38.6 ملين ڊالر آهي. آفريقا 1.2 ارب آبادي جي مارڪيٽ ۽ واپار جو مستقبل هاڻي آفريقا ۽ ايشيا ۾ آهي. ايٿوپيا ۽ پ??ڪس??ان کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليمي، تعميراتي صنعت، فارماسيوٽيڪل ۽ گارمينٽس سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ سخت محنت ڪرڻ گهرجي. ايٿوپيا جي ڪافي ۽ چانهه وڌيڪ سستي آهي جيڪا پ??ڪس??ان کي برآمد ڪئي ويندي. اهڙي طرح پ??ڪس??ان جي ٽيڪسٽائيل ۽ دواسازي جي برآمدات واپاري ڪاٿي ۾ مددگار ثابت ٿيندي، ايٿوپيا پ??ڪس??ان کان دواسازي جي وڏي مصنوعات برآمدات ڪري رهيو آهي. ايٿوپيا ۾ فيڪٽريون لڳائڻ کانپوءِ برآمدي سامان مختلف آفريقي ملڪن کي موڪلي سگهجي پيو. هن چيو ته اسان کي هڪ قانوني فريم ورڪ ٺاهڻ گهرجي جيڪو سيڙپڪارن کي ترغيب ڏي ۽ اهو ته انهن جي ملڪيتن جي حقن کي پڻ برقرار رکي. هن چيو ته ايٿوپيا ۽ پ??ڪس??ان تعليمي تعاون کي وڌائي سگهن ٿا ۽ انهن جو مشن تعليمي مٽاسٽا شروع ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ڇو ته ان سان نوجوانن جي صلاحيت کي سگهه ملي سگهي ٿي. ايٿوپيا جي سفير پ??ڪس??ان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هن مشڪل وقت ۾ پوري دنيا کي پ??ڪس??ان سان گڏ بيهڻ گهرجي. ٽائيگري جي معاملي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ايٿوپيا ڳالهين ۽ امن قائم ڪرڻ ذريعي سياسي حل چاهي ٿو، دهشتگرد ٽائيگري پيپلز لبريشن فرنٽ گروپ حڪومتي اپيل کي نقصان پهچايو ۽ اڻوندڙ جنگ کي ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو. سفير چيو ته ايٿوپيا جي حڪومت جي اها آئيني ذميواري آهي ته اها پنهنجي شهرين جو دفاع ۽ تحفظ ڪري. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ٽائيگري پيپلز لبريشن فرنٽ تي آفريقن يونين جي قيادت ۾ امن ڳالهيون جاري رکڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي.