اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مري?? اورنگزيب چي?? آهي ته هڪ فاشسٽ ميڊيا جي آزادي جو ٺيڪيدار نه ٿو ٿي سگهي، چار سال ميڊيا جو قتل ڪيو ۽ هاڻي ميڊيا جي آزادي جي ڳالهه تي کيس شرم اچڻ گهرجي، عمران خان چار سالن تائين وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويهي ميڊيا جو قتل ڪندو رهيو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چي?? ته انٽرنيشنل ميڊيا واچ عمران خان کي فاشسٽ قرار ڏنو آهي. هن چي?? ته صحافين جون پاسراٽيون ٽوڙڻ وارو عمران خان آهي، صحافين کي اغوا ڪرڻ وارو عمران خان آهي، ميڊيا جي آزادي کي ڪچلڻ وارو ۽ پارليامينٽ ۾ تالا لڳرائڻ وارو، ميديا کي نيب جي ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ وارو، 10 هزار کان وڌيڪ ميڊيا ورڪرز کي بيروزگار ڪرڻ وارو عمران خان آهي. هن چي?? ته عمران خ??ن ميڊيا جو معاشي قتل ڪيو، ميڊيا ۾ ويڇا پيدا ڪيا ۽ ميڊيا کي پريشرائيز ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته کيس ڏک ۽ افسوس ميڊيا جو نه اي آر وائي جو آهي. مري?? اورنگزيب چي?? ته عمران خان تنهنجو چي?? آف اسٽاف تنهنجو بيان ڏي ۽ تون اي آر وائي جي تابعداري ڪرين.