اسلام آباد –; 31 آگسٽ( اي پي پي)اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۽ عوام جي امداد ۽ بحالي لاءِ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. اهڙو اظهار هن پرڏيهي معاونت سان جاري منصوبن کي تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ??يل نقصان جي شروعاتي جائزه اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو. وفاقي وزير کي ملڪ جي مختلف حصن ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ??رڏيهي معاونت تحت جاري منصوبن کي پهتل نقصان جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ انهن منصوبن کي پهتل نقصان جو شروعاتي جائزو ورتو ويو.