ڪوئيٽا – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دور?? تي ڪوئيٽا پهچي ويو آهي، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن ايئرپورٽ تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ج??ري بيان موجب وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج جي پاسن?? آئوٽ تقريب ۾ خصوصي مهمان طور شريڪ ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف اڄ جمع?? تي گوادر جو به دورو ڪ??دو?? وزيراعظم گوادر پورٽ جو فضائي دورو ڪندو ۽ ايسٽ بي ايڪسپريس وي (EBE) جو افتتاح ڪندو. ان موقع?? تي وزيراعظم مقامي چڱن مڙسن ۽ ماهي گيرن کي خطاب ڪ??دو?? ان کانپوءِ وزيراعظم چيني ڪمپنين جي وفد سان ملاقات ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندو.