انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ترڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪا??ي جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني آهي. ڊي اي آءِ ڪي – فار اڪنامڪ رليشنز بورڊ تحت ترڪي پاڪستان بزنس ڪائونسل کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستان ۾ هائيڊل، ٿرمل، ڪول، ونڊ ۽ سولر سميت توانائي جي شعبي ۾ ترڪ سيڙپڪار?? لاءِ سيڙپڪا??ي جا بهترين موقعا موجود آهن، وزيراعظم چيو آهي ته ڪيترائي مشهور ترڪ سيڙپڪار پهرين ئي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري ??ڪا آهن، هن يقين ڏياريو ته حڪومت انهن منصوبن جي سلسلي ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي توانائي جي وڌندڙ قيمتن ۽ پاڪستان ۾ توانائي جي وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان کي توانائي جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري سان ترڪ سيڙپڪار ۽ پاڪستان ٻنهي کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان آبي وسيلن ۽ ڊيمن جي تعمير لاءِ ترڪي جي مهارت مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪا??ي جا موقعا اجاگر ڪندي وزيراعظم خصوصي توانائي، هائوسنگ، ٽيڪسٽائيلز، انفرااسٽرڪچر جي ترقي، تيل ۽ گئس ۽ زراعت تي ٻڌل صنعتن جو خاص طور ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ لاڳاپا محبت، اخوت، گڏيل احترام جي بنياد تي هموار آهن ۽ ٻئي ملڪ تاريخ، صديون پراڻي روايتن ۽ گڏيل امنگن جا امين آهن، هن چيو ته ٻئي قومون هر طرح جي حالتن ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ۽ انهن جا لاڳاپا نهايت دوستاڻا ۽ غير معمولي ??ڏيل اعتماد تي ٻڌل رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي ٽيڪسٽائيل ڪمپنيون پاڪستان ۾ خاص طور عالمي صنعت، واپار ۽ گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿيون ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح جي ويلو چينز ۾ حصيدار بڻجي سگهن ٿيون، هن ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ زراعت تي ٻڌل صنعتي شعبي ۽ ڊيري فارمنگ ۾ سيڙپڪا??ي جي دعوت به ڏني ۽ چيو ته انهن شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪ ڪمپنيون تيل ۽ گئس جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿيون ۽ نه رڳو تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ پيداوار پر ريفائنريز جي تعمير ۽ پائيپ لائينز وڇائڻ ۾ به حصيداري ڪري سگهن ٿيون وزيراعظم پنهنجي حڪومت جي ترجيحن کي اجاگر ڪندي چيو ته چوٿين عالمي صنعتي انقلاب جي تناظر ۾ خاص طور صنعتي پيداوار جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ اهميت رکندڙ آهي، هن چيو ته پاڪستان جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، جيڪا ملڪ جي ترقي ?? تمام اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.