اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي ڪويت جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر شيخ احمد ناصر الحمد الصباح ٽيليفون ڪئي ۽ پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ڪويت جي ٻطرفي ل??ڳا??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته پاڪستان ۽ ڪويت جا ڀائراڻا ل??ڳا??ا مثالي آهن، پاڪستانين جو هڪ وڏو تعداد روزگار جي سلسلي ۾ ڪويت ۾ رهندڙ آهي ۽ هو ٻنهي ملڪن جي تعمي?? ۽ ??رقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته اسان ڪويت سان ٻطرفي ل??ڳا??ن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.