اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو سنڌ کانسواءِ ملڪ جي سڀني شهرين کي يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي سهولت ميسر آئي آهي، اه??ي سهولت دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به مفت ۾ ميسر ناهي، ان ??ي مثال قدمن سان پرائيويٽ پبلڪ حصيداري کي فروغ ملندو، ملڪ ۾ اقتصادي بهتري آئي، سڀئي معاشي انگ اکر مثبت وڃي رهيا آهن، آمدني جي مقابلي ۾ خرچا گهٽ ڪيا ويا ۽ آمدني وڌائي ته جيئن ڪنهن جي غلامي نه ڪرڻي پوي، 1985ع کانپوءِ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ نئين اسپتال قائم ڪري رهيا آهيون، پمز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اهم ذميداري آهي ته هو ميرٽ جي پاسداري ڪن، حڪومت?? نظام ۾ ميرٽ ختم ٿيڻ جي ڪري بدعنواني کي هوا ملندي آهي، بورڊ آف ڊائريڪٽرز نجي طرز تي سسٽم کڻي اچن ۽ ميرٽ تي مقرريون ڪن. اسلام آباد ۾ پمز اسپتال جي نئين حادثي واري شعبي ۽ سيڪٽر جي 13 ۾ 300 بسترن تي نئين اسپتال جي پيڙه?? جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران ??ان چيو ته جڏهن هو حڪومت ۾ آيو ته هن پمز اسپتال جو دورو ڪي?? ۽ هتي ايمرجنسي جي صورتحال ڏٺي تڏهن ئي فيصلو ڪي?? ته ان کي بهتر ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ جو جڏهن به ڪو مريض ايمرجنسي ۾ ايندو آهي ته ان ??ي لاءِ سڀ کان ??هتر طبي سهولت هتي ميسر هجڻ گهرجي. پمز جو ڏندن وارو شعبو بهترين آهي، پر هتي ايمرجنسي حالت تمام خراب هئي، هن چيو ته اسان ??وڪت خانم جي ٻن اسپتالن جي آرڪيٽيڪٽ کان پمز اسپتال جي ايمرجنسي کي ڊزائين ڪرايو آهي، جنهن جو سڄو خرچ پرڏيهي پاڪستانين برداشت ڪي?? آهي، پاڪستان ??نيا ۾ عطيو ڪندڙ وڏي قوم آهي، وزيراعظم چيو ته اڄ اسان ??ڄي پاڪستان ۾ سڀ کان معياري ايمرجنسي جي پيڙه?? جو پٿر رکيو آهي ان کانسواءِ جي 13 ۾ 300 بسترن تي ٻڌل نئين اسپتال جي پيڙه?? جو پٿر به رکيو آهي، 1985ع کانپوءِ اسلام آباد ۾ اها نئين اسپتال ٺهي رهي آهي، اسلام آباد سڀ کان ??يزي سان پکڙجندڙ شهر آهي، گذريل 10 سالن ۾ ان ??ي آبادي ٻيڻي ٿي وئي آهي، نئين اسپتال نه ٺهڻ تي پهرين کان موجود اسپتالن تي بار ۽ ڊاڪٽرن تي به دٻاءُ وڌندو آهي، هن ٻڌايو ته اها نئين اسپتال به آمريڪي آرڪيٽيڪٽ ڊزائين ڪي?? آهي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته پاڪستاني آرڪيٽيڪٽس کي به تربيت ڏيون، وزيراعظم چيو ته ساڍا ٽن سالن ۾ موجوده حڪومت عوام جي لاءِ جيڪي ڪم ڪيا گذريل حڪومتن نه ڪيا، سنڌ کانسواءِ سڀني صوبن جي رهواسين کي يونيورسل هليٿ ڪوريج ڏني پئي وڃي، دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به مفت اها سهولت ميسر نه آهي، پر اتي پريميم ڏيڻو پوندو آهي، اسان وٽ اها سهولت مفت ڏني پئي وڃي، جڏهن ان منصوبي جو آغاز ڪي?? ويو ته ان وقت ماڻهو چوندا هئا ته اهو ڪم مشڪل آهي نٿو ٿي سگهي، هن چيو ته اها فلاحي رياست وانگر هڪ اهم قدم آهي ته جيئن انسانيت جو نظام هجي، غريب وٽ به علاج جون بهترين سهولتون هجن ان کان ??ڳ ماڻهو مجبوري ۾ بيماري جي ڪري قرض کڻندا هئا، وزيراعظم چيو ته جڏهن آئون سياست ۾ آيس تڌهن منهنجو اهو ئي خواب هو، ان ڪارڊ جي بدولت هاڻي شهري اه??ين اسپتالن ۾ به علاج ڪرائي سگهن ٿا جنهن جو هو صرف تصور ڪندا هئا، وزيراعظم چيو ته کيس ڊاڪٽرز اسپتالن جي مالڪ ٽيليفون تي ٻڌايو ته پهريون ڀيرو هڪ پورهيت جي دل جو صحت ڪارڊ تي هتي آپريشن ٿيو آهي، وزيراعظم چيو ته ان ڪارڊ جي ڪري هاڻي نجي شعبو اڳتي ايندو، پرائيويٽ پبلڪ حصيداري ٿيندي، ڏورانهن علائقن ۾ نوان پرائيويٽ اسپتال ٺهندا، ڇاڪاڻ جو ڏورانهن علائقن جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر نه ويندا هئا، اتي نرسون ناهن ملنديون، وزيراعظم عمران ??ان پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته اسان ??ن سان گڏوگڏ هڪ جهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ طرف اهم قدم کنيو، جنهن طرف ماضي ۾ڪنهن ڌيان نه ڏنو، اسان ??ي ملڪ جي بدقسمتي جو هتي طبقاتي تعليم?? نظام لاڳو آهي، اهو نظام وچولي طبقي کي مٿي اچڻ نه ڏيندو هو، انگريزي هڪ ڪلاس ٺهي چڪو هو، اها حقيقت ۾ غلامي جو هڪ طوق اسان ??ي گلي ۾ پيل آهي، ماڻهو پنهنجو پاڻ کي پڙهيل لکيل ثابت ڪرڻ جي لاءِ انگريزي جي جملن سان پنهنجي ڳاله?? جو آغاز ڪندا آهن اها احساس ڪمتري آهي، اسان پنجين جماعت تائين هڪجهڙو تعليم?? نظام آڻڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم چيو ته اسان ??يرت النبي صه ﷺ پڙهائڻ جو فيصلو ڪي?? ڇاڪاڻ جو ڪردار سازي کانسواءِ قوم وڏي نٿي بڻجي سگهي، مديني جي رياست جي پويان ??نيادي فلسفو فڪرِ انقلاب هو. ڪڏهن تلوار سان ??نقلاب ناهي آيو، سڄو خطو ارب صرف ذهن بدلجڻ جي ڪري بدلجيو پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ ڪڏهن ان ??رف ڪوشش به نه ڪئي وئي، هن چيو ته جيڪا قوم نبي صه ﷺ جي سنت تي هلندي اها ئي ڪامياب ٿيندي، هو رحمت اللعالمين ﷺ هو، وزيراعظم چيو ته رحمت اللعالمين اٿارٽي ٺاهي آهي، ته جيئن يونيورسٽي تائين جي پنهنجي ٻارن کي نبي صه ﷺ جي زندگي مبارڪ ۽ ان ??ي تعليم جي باري ۾ تعليم آگاهي ڏئي سگهون. وزيراعظم عمران ??ان چيو ته اسان ملڪ ۾ اقتصادي بهتري آندي، سڀئي معاشي انگ اکر مثبت وڃي رهيا آهن، اسان ??ي حڪومت آمدني جي مقابلي ۾ خرچا گهٽ ڪيا ۽ آمدني وڌائي ته جيئن ڪنهن جي غلامي نه ڪرڻي پوي. وزيراعظم عمران ??ان چيو ته پمز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اها وڏي ذميداري آهي ته اهي ميرٽ جي پاسداري ڪن، حڪومت?? نظام ۾ ميرٽ ختم ٿيڻ جي ڪري هو ڪرپشن جي اجازت ڏي ٿو، بورڊ آف ڊائريڪٽرز نجي طرز تي سسٽم کڻي اچي ۽ ميرٽ تي مقرريون ڪن جيڪڏهن ڪو جونيئر بهترين منتظم ٿي سگهي ٿو ته ان ??ي مقرري ڪئي وڃي، هن چيو ته پمز سڄي پاڪستان ??ي اسپتالن لاءِ هڪ مثال بڻجي سگهي ٿي، نئون جناح اسپتال اسلام آباد 300 بسترن جي اسپتال هوندي جنهن ۾ ايمرجنسي ۾ 27 بسترا، جنرل وارڊ ۾ 196، ڪارڊيالوجي ۾ 8، آءِ سي يو ۾ 16، انڊو اسڪوپي ۾ 22، ميٽرنيٽي ۾ 5 ۽ سرجيڪل رڪوري ۾ 18 بيڊا هوندا، اها اسپتال مريضن کي معياري طبي سهولتن جي فراهمي جو هڪ جديد اوزار سان ليس اسپتال هوندي، ان کانسواءِ پمز ۾ 200 بسترن جي ايڪسيڊنٽ ۽ ايمرجنسي سينٽر ۾ ايڪيوريٽ ڪيئر جا 22، فاسٽ ٽريڪ جا 44، ٽراما جا 27، ابزروڪ جا 51، ٽراءِ ايج جا 6 ۽ متفرق 3 بيڊ هوندا آهن.