اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آ??ي ته سياسي محاذ تي حڪومت مڪمل اعتماد سان بيٺل آهي، مخالف ڌر جي چهرن مان خبر پئجي رهي آهي ته حالتون ڪيڏانهن وڃي رهيون آهن، مخالف ڌر پاران پاڪ فوج جي خلاف هڪ مهم هلائي پئي وڃي، فضل الرحمان، نواز شريف ۽ آصف زرداري پاڪ فوج کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهين ٿا، ڊان ليڪس، ڀارتي واپارين ۽ نريندر مودي سان نواز شريف جون ملاقاتون ۽ فوج مخالف ??يا?? ان جي عڪاسي ڪن ٿا، شريف خاندان جي سازشي سياست جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آزاد آهي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آ??ي، اسان جي خواهش آهي ته 23 مارچ جي تقريب کان اڳ اهي سياسي ڊراما ختم ٿي وڃن، الحمد الله هن وقت پاڪستان ۾ مڪمل اتحاد ۽ اتفاق آهي، سمورن ادارن ۽ حڪومت پاران عوام کي اهو يقين ڏياري چڪا آهيون ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آزاداڻي ۽ خودمختاري تي ٻڌل ۽ ملڪي مفاد ۾ هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪي سياسي صورتحال ۽ مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چ??و ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم چيو ته سياسي محاذ تي اسان پوري اعتماد سان بيٺل آهيون ۽ وزيراعظم جو ??يا?? حڪومت جي سياسي پاليسين مان به جهلڪي رهيو آ??ي. هن چ??و ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي ڪيمٽي جي اجلاس ۾ جنهن ڳالهه تي سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو اها هي هئي ته مخالف ڌر جي هڪ پوري مهم آهي جيڪا پاڪستان جي فوج جي خلاف هلائي پئي وڃي، هر ڀيري اسان تنبيه به ڪئي آهي ته سياست کي ان طرح سان گندو نه ڪريو، مولانا فضل الرحمان جي ڪالهوڪي انٽرويو سان اهو سلسلو ٻيهر شروع ٿيو آ??ي، هن مولانا فضل الرحمان جي گفتگو وارو وڊيو ڪلپ به ميڊيا کي ٻڌايو جنهن ۾ فضل الرحمان جن ادارن ۾ سڌارن جي ڳالهه ڪئي هي اهي ئي سڌارا آهن جنهن جو اظهار نواز شريف اقتدار ملڻ تي ڪندو هو، نواز شريف اينڊ ڪمپني سدائين فوج کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪالهوڪي سوال کي به جوڙي ڏسون ته جيڪا ايجنڊا فضل الرحمان ڏئي رهيو هو اها به فوج تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي خواهشن جي ڳالهه هئي. هن چ??و ته جڏهن ميمو گيٽ جو اسڪينڊل آيو هو ته ان وقت به انهي قسم جي مهم هلي وئي هئي، ميموگيٽ اسڪينڊل ۾ ان وقت جي صدر آصف علي زرداري جي حڪمن تي مشتمل وڊيو ڪلپ به ميڊيا کي ٻڌائي وئي، اطلاعات واري وزير چيو ته زرداري، فضل الرحمان ۽ نواز شريف جي فوج کي تابع ڪرڻ جي پراڻي خواب جي عڪاسي ڊان ليڪس ۽ ميموگيٽ جي ڪلپس مان ٿئي ٿي. هن چ??و ته ڊان ليڪس ۾ به انهي فوج مخالف ايجنڊا جو انڪشاف ٿيو، پوءِ نواز شريف ڀارتي ڪاروباري شخصيتن ۽ نريندر مودي سان ملاقاتون ڪيون ۽ ڀارتي صحافي برکادت پنهنجي ڪتاب ۾ ان جو انڪشاف ڪيو ته کٽمنڊو ۾ نواز شريف مودي سان ملاقات ڪئي جيڪا شيڊول نه هئي، اهڙي طرح نواز شريف جي ڏوهٽي جي شادي ۾ بنا ويزا جي مودي پاڪستان اچي ويو ۽ اهو اهو ئي وقت هو جڏهن نريندر مودي پاڪستاني فوج سربراهه جنرل (ر) راحيل شريف جي باري ۾ اهو ??يا?? ڏنو ته هو دهشتگرد آهي ۽ نواز شريف مسئلن جو حل چاهي ٿو، ان کانپوءِ انهي نريندر مودي کي پاڪستان گهرايو ويو جڏهن هن پاڪستان جي فوج جي مٿان قاتل حملا ڪيا ۽ انهي وقت مودي نواز شريف جي ڏوهٽي جي شادي ۾ شرڪت ڪري رهيو هو. هن چ??و ته ان تي نواز شريف ڀارت کي ڪهڙي آڇ ڪئي ان جو انڪشاف به پاڪستان جي اڳوڻي ترجمان پنهنجي انٽرويو ۾ ڪيو. انٽرويو ۾ ان جو چوڻ هو ته شريف خاندان ڀارت نواز هو ڇو ته ان جو ڪاروبار اتي هو، حڪومت جي هڪ پراڻي پرڏيهي پاليسي رهي آهي ته ڪو به پاڪستاني سربراهه يا سينئر اهلڪار ڀارت وڃي ٿو ته حريت اڳواڻن سان ملاقات لازمي رکي ويندي آهي پر نواز شريف جڏهن دهلي ويو ته هن ڪشميري اڳواڻن سان ملاقات نه ڪئي، ان جي آفيس مان واضح هدايتون هيون ته ڪلڀوشن جو نالو پرڏيهي آفيس کي به ناهي وٺڻو، ان جو فائدو نواز شريف کي ته ٿيو هوندو پر پاڪستان کي ڪو به فائدو نه ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهي هدايتون عين ان وقت ڏنيون پئي ويون جڏهن ڀارتي وزيراعظم، پاڪستاني آرمي چيف کي دهشتگرد جو ساٿي ۽ نواز شريف کي مسئلن کي حل ڪندڙ قرار ڏئي رهيو هو، هن چ??و ته ان سازشي خاندان جي سياست اتي ئي ختم نه ٿي ۽ نواز شريف ۽ سندس ڌي مريم نواز به پنهنجي مختلف ??يا??ن ۾ فوج تي پاڻي وانگي حملا ڪيا. هن فوج جي حوالي سان جيڪي ??يا?? ۽ نعرا لڳايا اهي به ان وڊيو ۾ ڏسي ۽ ٻڌي سگهجن ٿا جنهن ۾ مريم نواز، پرويز رشيد، خواجه سعد رفيق ۽ خواجه آصف جا ??يا?? به ٻڌايا ويا. وفاقي وزير چيو ته بي اعتمادي جي جيڪا رٿ هنن پيش ڪئي ان ۾ اهي الزام لڳائي رهيا آهن ته يورپي يونين تي وزيراعظم تنقيد ڇو ڪئي، اسان پهرين به ان انهن کان پڇيو هو ته مخالف ڌر جو يورپي يونين سان ڪهڙو رشتو آ??ي، هن چ??و ته وزيراعظم ته تمام آسان ۽ سادي ڳالهه چئي ۽ پڇيو ته جيڪو خط توهان پاڪستان کي لکيو ڇا اهو ڀارت يا ڪنهن ٻي ملڪ کي به لکيو آ??ي. هن چ??و ته اسان ته پڇي رهيا هئاسين ته يورپي يونين سان توهان جو ڪهڙو رشتو آ??ي ان تي اڄ حمزه شهباز ۽ ان کان پهرين مولانا فضل الرحمان به چوي ٿو ته وزيراعظم يورپي يونين تي ڳالهه ڇو ڪري ٿو، دراصل انهن جا اهي ??يا?? پاڪستان جي آزاد پرڏيهي پاليسي جي تڪليف آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام کي فيصلو ڪرڻو آ??ي ته اسان کي لنڊن ۽ يورپ ۾ پيل انهن جي پئسن جو محفاظ بڻجڻو آ??ي يا آزاداڻي ۽ خودمختيار پاليسي کي اڳتي وٺي هلڻو آ??ي. هن چ??و ته هڪ طرف اهي فوج کي نشاني تي رکيو آ??ي ۽ ٻي طرف اهي چاهين ٿا ته اسان انجمن غلامن وانگر زندگي گذاريون. چوڌري فواد حسين چ??و ته الحمد الله هن وقت پاڪستان ۾ مڪمل اتحاد ۽ اتفاق آهي، سمورن ادارن ۽ حڪومت پاران عوام کي اهو يقين ڏياري چڪا آهيون ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آزاداڻي ۽ خودمختياري تي ٻڌل ۽ اسان جي ملڪي مفاد ۾ هوندي، اسان جي مفاد ۾ اهو به شامل آهي ته مغربي ملڪن جو جيڪو بلاڪ آهي اسان ان سان بهترين لاڳاپن جا حامي آهيون، هن چ??و ته ان جو هر گز اهو مطلب نه آهي ته اسان ان خودمختياري کي انهن جي خواهشن جو غلام بڻائي ڇڏيون. اسان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي پنهنجي مفادن جي تابع رکڻي آهي. اسان جو واپار ضرور يورپ سان آهي، اسان پنهنجي غيرت کي وڪڻي واپار نه ڪري رهيا آهيون، واپار جي انهن کي به ضرورت آهي ۽ اسان کي به ضرروت آهي، واپاري لاڳاپا هڪ ٻئي جي مفاد تي ٻڌل هوندا آهن جنهن قيادت وٽ عزت نفس ئي نه هجي ته عام ماڻهو وٽ ڪهڙي عزت نفس هوندي. هن چ??و ته اڄ پورو پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي پويان بيٺل آهي ۽ انشاءُ الله اسان انهي آزاداڻي پرڏيهي پاليسي کي اڳتي کڻي هلنداسين. هن چ??و ته بلاول ڀٽو جو اسلام آباد وارا ٿورو ادا ڪري رهيا آهن ته ڪيترا لانگ مارچ ايتري کل تي ختم ٿين ٿا جهڙو پيپلزپارٽي جو ختم ٿيو، ٽهڪن ۽ کل تي ٻڌل لانگ مارچ تي اسان به ان جو ٿورو ادا ڪريون ٿا، جيستائين بي اعتمادي رٿ جو تعلق آهي اسلامي پرڏيهي وزيرن جو وفد 21 مارچ تي اچڻ شروع ٿي ويندو ۽ 23 مارچ جي پريڊ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزير ۽ يورپي ملڪن جا وزير ۽ نمائيندا به شرڪت ڪندا، اسان جي خواهش آهي ته اهي سمورا سياسي ڊراما ان تقريب کان اڳ ختم ٿي وڃن ۽ ان کي کڻي اڳتي وڌي رهيا آهيون، هن چ??و ته جهڙي طرح وزيراعظم پنهنجي ??يا?? ۾ چيو ته اسان ان محاذ جي مٿان پُراعتماد آهيون ۽ ان جي مٿان جيڪا قانوني پوزيشن آهي بلڪل واضح آهي، اسپيڪر وٽ اهو مڪمل اختيار آهي ته هو انهن ماڻهن جا ووٽ قبول نه ڪندو جيڪي پارٽي مينڊيٽ جي خلاف ويندا ۽ آرٽيڪل 63 ان حوالي سان بلڪل واضِح آهي. هن چ??و ته هن وقت 179 ماڻهن جي اسان کي مڪمل حمايت حاصل آهي ۽ اميد آهي ته 5 وڌيڪ ماڻهن جي حمايت ملندي ويندي، مخالف ڌر کي 172 ميمبر آڻڻا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته آرٽيڪل 163 تحت خلاف ورزي کي روڪڻو ئي آهي، پنجاب جي وڏي وزير کي وزيراعظم ۽ پارلياماني پارٽي جو اعتماد حاصل آهي ۽ جيستائين اهو اعتماد آهي هو وڏو وزير ئي رهندو. هن چ??و ته تحريڪ لبيڪ جي پويان ڀارت کان سپورٽ ٿي رهي هئي ۽ ان جي ترديد نه آئي، آرٽيڪل 63 ون اي مختلف آهي ۽ آرٽيڪل 63 جي شق 2 الڳ آهي، آرٽيڪل 63 ون اي چوي ٿو ته جيڪڏهن هڪ ماڻهو پنهنجي پارٽي ڇڏي رهيو آ??ي ۽ ٻي پارٽي ۾ وڃي رهيو آ??ي ته ان سان گڏ ئي ان جي ڊڪليئريشن ختم ٿي ويندي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته اسان جي آئيني اسڪيم آهي ان ۾ فوج حڪومت سان گڏ هوندي آهي، فوج کي ته پنهنجي آئين تي عمل ڪرڻو آ??ي ۽ هو ان تي عمل ڪندي، جهانگير ترين ۽ عليم خان به رابطي ۾ آهن ۽ ڳالهه ٻولهه رهندي متحده قسم جو رد عمل ڏيندا.