اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي پشاور قصه خواني جي جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته م??ڪ دشمن عنصر پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿا ٿي س??هن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف گڏ آهي، دهشتگرد امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي ترقي کان م??ڪ دشمن ڊنل آهن، دهشتگردي جا واقعا اسان جا حوصلا ڪم??ور نه ٿا ڪري س??هن. هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪندي الله تعاليٰ کان شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. محمد صادق سنجراڻي زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايت جاري ڪئي. سينيٽ جي د??ٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سيني??ر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ پشاور قصه خواني جي جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو.