منڊي بهاءُ الدين – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته عدم اعتماد جي ڳالهه ڪندڙن تي انهن جي گهر وارا به اعتماد نه ٿا، انهن جي گهر وارا به چون ٿا ته انهن وٽ پئسا رکرايا ته هي لنڊن کڻي ڀڄي و??ند??، هي وڏا چور آهن، انهن ??ورن ۽ ڦورن کان پئسو واپس اچڻ گهرجي. عوامي جلسي کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عدم اعتماد جون ڳالهيون ڪندڙن جي هڪ ئي ايجنڊا آهي ته انهن جي ڪيسز مان جان ڇٽي وڃي، اسان کي انهن ??ي ڪيسن مان نڪرڻ ناهي ڏيڻو، انهن ??ي سزائون ڏيارڻيون آهن. هن ??يو ته اڄ ڌيءَ عدالتن ۾ ڪيس ڀوڳي رهي آهي ۽ پيءُ ۽ پٽ لنڊن ۾ آهن، اهڙن ماڻهن تي ڪير اعتماد ڪندو. هن ??يو ته مدرسي جي ٻارن جي زور تي ۽ نان قهوي تي جلسا نه ٿا ڪري سگهجن، وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ (اپوزيشن) اچي ڏسي جلسا ڪيئن ٿ??ند?? آهن. هن ??يو ته منڊي بهاءُ الدين ۾ شاندار جلسو منعقد ڪرڻ تي تحريڪ انصاف جي ليڊرشپ کي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو، چيو ويندو هو ته جلسا اپوزيشن ۾ ڪامياب ٿ??ند?? آهن، اڄ ثابت ٿي ويو آهي ته جلسا حڪومت ۾ رهندي به ڪامياب ٿين ٿا. هن ??يو ته ??ڏه?? اسان چئون ٿا ته پاڪستان جو نظام ٺيڪ ڪرڻو آهي ته اسان رڳو عمران خان تي اعتماد ڪري سگهون ٿا. هن ??يو ته عمران خان منڊي بهاءُ الدين ۽ جهلم جي عوام لاءِ تاريخي ترقياتي منصوبا ڏنا، اهڙي طرح جا ترقياتي ڪم انهن علائقن ۾ اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿيا، منڊي بهاءُ الدين جي ليڊرشپ به علائقي جي ترقي جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو، انهن ??ي سلام پيش ڪريان ٿو. ان کان اڳ جلسي گاهه تي منڊي بهاءُ الدين جي عوام اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين جو شاندار استقبال ڪيو.