اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار ۽ علائقائي رابطن جي فروغ ۽ سيڪيورٽي معاملن جي حل لا??ِ گڏيل تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي سرحد امن ۽ دوستي جي سرحد آهي، افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي مسئلن کان بچڻ جي لا??ِ عالمي برادري پاران ف??ري قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي گهرو وزير ڊ??ڪٽر احمد وحيدي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وز??را??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن ۾ مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو. وز??را??ظم خاص طور تي واپار ۽ علائقائي رابطن جي لا??ِ ويجهي ٻطرفي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. وز??را??ظم سرحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ ماڻهن جي معاشي ترقي جي لا??ِ سرحدي منڊين جي جلد پڄاڻي ۽ انهن کي فعال بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي سرحد امن ۽ دوستي جي سرحد آهي ۽ هن سيڪيورٽي معاملن جي حل لا??ِ گڏيل تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. وز??را??ظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي لا??ِ ڀرپور حمايت تي ايراني حڪومت ۽ سپريم ليڊر جا ٿورا مڃيا. وز??را??ظم پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي هڪ جهڙي موقف تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي اهميت تي زور ڏنو. وز??را??ظم افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي بدحالي کي روڪڻ ۽ عملي قدمن ۾ اضافي، استحڪام ۽ دهشتگردي جي خاتمي لا??ِ عالمي برادري پاران ف??ري قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وز??را??ظم ايران جي صدر رئيسي جي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي ورجايو. ملاقات ۾ ايراني گهرو وزير ڊ??ڪٽر احمد وحيدي وز??را??ظم کي ايراني قيادت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ايران جي خواهش کي ورجايو.