اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خصوصي اقتصادي زونز (SEZs) ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ??ي ذريعي تيزي سان صنعتڪاري لاءِ ترغيب حڪومت جي اولين ترجيح آ??ي، ملڪ ۾ وڌ کان وڌ سڌي سنئين غير ملڪي سيڙپڪاري متوجهه ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ايس ايم اي سيڪٽر جا سمورا التوا ۾ پيل مسئلن کي فوري ??ل ڪيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي ترجيحي شعبي جي ترقي جي جائزي تحت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ??دارن (SMEs) لاءِ خصوصي اقتصادي زونز جي سهولتڪاري ماڊل ۽ ريگولٽري گيلوٽين بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ وڌ کان وڌ سڌي سنئين غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آ??ي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سيڙپڪاري ??ورڊ پاران نشاندهي ڪيل 167 سڌارن مان 112 کي لاڳو ڪيو ويو آهي ته جيئن خصوصي اقتصادي زونز ۾ سمورن امڪاني سيڙپڪارن جي لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي يقيني بڻائي سگهجي. باقي 55 سڌارن جون به هڪ مهيني اندر ضروري ??يگوليٽري منظوريون ٿي وينديون. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ جي سمورن چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۽ واپاري ??نظيمن سيڙپڪارن جي سهولت جي لاءِ حڪومت پاران ڪيل شاندار سڌارن تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو آ??ي، هن خاص طور تي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان پاران ڪمپني رجسٽريشن جي عمل ۾ آساني ۽ ان سلسلي ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي مجوزه آسان ڪاروبار پورٽل قدمن جو ذڪر ڪيو، انهي تاريخي قدمن جي ڪري پاڪستان جي تازو ئي بزنس ڪنفيڊنس انڊيڪس ۾ 37 سيڪڙو بهتر ٿي آ??ي، وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۽ ڊرگ ريگوليٽري ??ٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) سميت سمورن ريگوليٽري ??ٿارٽيز کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل ريگوليٽري فريم ورڪس کي بهتر ڪن ته جيئن سيڙپڪارن جا مسئلا هڪ ئي جاءِ تي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ حل ٿي سگهن ڇو ته سيڙپڪاري ??ا فيصلا ڪرڻ ۾ وقت سڀ کان اهم عنصر آ??ي، وزيراعظم کيس ملڪ ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ??دارن (ايس ايم ايز) جي شعبي جي ترقي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي جنهن جو ملڪ جي ڪل برآمدات ۾ تقريبن 25 سيڪڙو جو حصو آ??ي، هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ايس ايم اي سيڪٽر جي سمورن التوا ۾ پيل مسئلن کي فوري ??ور تي حل ڪن جنهن ۾ ايڪسپورٽ ري فنانسنگ جي سهولت، مقامي ٽيڪسز ۽ ليويز (ڊي ايل ٽي ايل) تي ڊيوٽي ڊرابيڪ جي ادائيگي ۽ ان جي ??يڪ??يڊيٽي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ بئنڪن کان فنانسنگ شامل آهن، هن هدايت ڪئي ته سمورن وڏن شعبن خاص طور تي ٽيڪسٽائيل ۽ ايس ايم اي جي لاءِ 5 سالا برآمدي پاليسيون جاري ڪيون وڃن، وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ??دارن جي ترقياتي اداري (سميڊا) جي بورڊ کي بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ معيشت جي ان اهم شعبي جي ترقي لاءِ 30 اربر وپين جو سميڊا فنڊ قائم ڪيو پيو وڃي، اجلاس ۾ وفاقي وزير حماد اظهر، ناڻي واري وزير شوڪت ترين، وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، قانون واري وزير فروغ نسيم، وفاقي وزير اسد عمر، واپار واري ??لاحڪار عبدارزاق دائود، وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل، سي پيڪ واري ??اص مددگار خالد منصور، سيڙپڪاري ??ورڊ جي چيئرمين اظفر حسن، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد ۽ ٻين لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.