اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين واپار، انفراسٽرڪچر، صنعتي ??عبن ۾ ترقي، جديد زراعت، سائنسي ۽ فني تعاون ۽ مقامي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي سميت سمورن شعبن ۾ تعاون کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ سي پيڪ جي گڏيل ڪوآپريشن ڪميٽي (جي سي سي) کي ٽاسڪ ڏيڻ تي ??تفاق ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي چئن ڏينهن جي چين ??ي دوري جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو. پڌرنامي موجب صحت، ماحوليات ۽ آءِ سي ٽي جي شعبن ۾ ويجهي ٻطرفي تعاون کي نوٽ ڪندي ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين ??حت، صنعت، واپار، گرين ۽ ڊيجيٽل ڪوريدورز جاري ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. پاڪ چين قيادت ملاقاتن دوران عل??ئقائي صورتحال ۽ عالمي سياست سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقاتن ۾ روايتي گرمجوشي، اسٽريٽجڪ گڏيل اعتماد ۽ نظرين ??ي هڪ جهڙائي ڏٺي وئي. وزيراعظم عمران خان چين ??ي ترقي ۽ خوشحالي ۾ صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ڪردار ۽ پائيدار پاڪ چين ??صيداري کي فروغ ڏيڻ ۾ صدر شي جن پنگ جي ذاتي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه کي ورجايو ته ويجها اسٽريٽجڪ لاڳاپا ۽ پاڪستان ۽ چين ??ي وچ ۾ گهري دوستي وقت جي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته پاڪ چين لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ ميل آهن ۽ چين ??ان ويجهي دوستي کي پاڪستاني عوام جي مستقل حمايت حاصل آهي. ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن بابت معاملن تي ??مايت کي ورجايو. پاڪستان ون چائنا پاليسي جي لاءِ پنهنجي وابستگي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو ۽ تائيوان، ڏکڻ بحيره چين، هانگ ڪانگ، سنڪيانگ ۽ تبت جي معاملي تي چين ??ي لاءِ پنهنجي حمايت جڏهن ته چين پاڪستان جي خودمختياري، آزادي ۽ سلامتي ??ي تحفظ ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي ڌرين ??ي پيڪ جي اهم ٿنڀ ۽ عل??ئقائي رابطن ۾ اهم عنصر جي حيثيت سان گوادر جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڌرين گوادر پورٽ جي تعمير، آپريشن ۾ تيزي آڻڻ ۽ گوادر کي گهٽ ڪاربن سرڪلر انڊسٽري زون بڻائڻ تي ??تفاق ڪيو. هنن گوادر شهر ۽ ان جي رهواسين ??ي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اعليٰ معيار جي ذريعي ذريعه معاش جا منصوبا ٺاهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ڌرين ??ي پيڪ کي سمورن خطرن ۽ منفي پروپئگنڊه کان محفوظ رکڻ جي پنهنجي مضبوط عزم جو اظهار ڪيو. پاڪستان سموري چيني عملي، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي عزم کي ورجايو جڏهن ته چيني ڌر ان سلسلي ۾ قدم کڻڻ تي پاڪستان کي ساراهيو. چين ??هشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين ۽ ڪوششن کي تسليم ڪيو جڏهن ته ڌرين هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. افغانستان جي حوالي سان ٻنهي ڌرين ??ن ڳالهه تي ??تفاق ڪيو ته هڪ پرامن، مستحڪم، متحد ۽ محفوظ افغانستان خطي ۾ خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ٻنهي ڌرين ??قتصادي ۽ فني، صنعت، سيڙپڪاري، انفراسٽرڪچر، خلا، ويڪسين، ڊيجيٽلائيزيشن، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، ثقافت، راندين ۽ پيشيواراڻي تعليم سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي ??حيحون ڪيون.