اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي صحت جي نظام ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مهارت جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??حت جي سارسنڀال جي نظام ۾ علاج بدران بيمارين کان بچاءُ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر اها ڳالهه ??راچي ۾ سينٽر ??ف انوويشن ان ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ آغا خان يونيورسٽي جي سينيئر قيادت جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. صحت جي نظام ۾ بيمارين جي تدارڪ جي رخ تي روشني وجهندي هن چيو ته مهانگي علاج جي ڪر?? ملڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو اسپتالن خاص طور تي نجي اسپتالن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن ٿا، صحت جي نظام ۾ بيمارين جي تدارڪ جي رخن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ آغا خان يونيورسٽي سميت اسان جي اسپتالن کي ان رجحان طرف پنهنجو ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته ڊينٽسٽري جا 80 سيڪڙو عنصر آن لائين يا ورچوئل آهن. ملڪ ۾ نرسنگ عملي جي انگ ۾ نمايان اضافي جي لاءِ ڪيترائي نرسنگ ڪورسز ۽ پروگرام آن لائين ڪرائي سگهجن ٿا. صدر چيو ته چين عوام جي صحت جي نظام ۾ بهتري جي ذريعي پنهنجي 80 ڪر??ڙ شهرين کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو. صدر آغا خان يونيورسٽي جي فيڪلٽي ۽ ڊاڪٽرن تي زور ڏنو ته ??هي معياري ۽ ٺوس عوام جي صحت جو نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ مفڪرن، م??هر?? جو گروپ قائم ڪر??. ان کان اڳ صدر کي آغا يونيورسٽي پاران بنيادي تعليم، آئوٽ ريچ صحت خدمتن، امتحانن جي نظام ۽ تحقيق بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر کي ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي بنيادي تعليم، آئوٽ ريچ صحت خدمتن، امتحانن جي نظام ۽ تحقيق جي شعبي ۾ ڪم جي ذريعي سماجي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? رهي آهي ۽ ان حوالي سان هي يونيورسٽي هڪ قومي اثاثو آهي. صدر آغا خان يونيورسٽي جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ان کي ملڪ جي ٻين اهم اسپتالن جي لاءِ هڪ مثال قرار ڏنو.