اسلام آباد ?? 22 ??سمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ ٻين گڏيل مفادن جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻ جا امڪان موجود آهن. وزيراعظم عمر??ن خان سان ناروي جي سفير پرالبرٽ الساس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستاني ڄاوا ناروي جا رهواسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جي حثيت رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ ٻين گڏيل مفادن جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻ جا امڪان موجود آهن. ناروي جي موبائيل فون ڪمپني ??يلي نار جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپا وڌي رهيا آهن، ناروي جي سفير وزيراعظم عمر??ن خان کي ناروي جي عوام پاران مبارڪباد پيش ڪئي، هن وزيراعظم کي اس??امي تعاون تنظيم ڪائونسل جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس جي ڪاميابي سان انعقاد تي ته مبارڪباد ڏني، وزيراعظم ناروي جي وزيراعظم کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.