اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ست سال گذرڻ جي باوجود اڄ به اسان اي پي ايس سانحي کي نه وساري سگهياسين، بزدل شرپسند عنصرن قوم جي مستقبل، هٿين خالي معصوم ٻارن تي حملو ڪري کين شهيد ڪيو، ان ڏينهن کي ياد ڪري ڪو به پنهنجا لڙڪ نٿو روڪي سگهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اي پي ايس سانحي جا شهيد پوري قوم کي دهشتگردي جي خلاف متحد ڪيو، 16 ڊسمبر جو ڏينهن آرمي پبلڪ اس??ول جي شهيدن جي عظيم قربانين جي سد??ئين ياد ڏياريندو رهندو، هن چيو ته قوم جي حيثيت سان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڊگهو سفر طئ?? ڪيو، اسان پاڪستان ۾ ڊگهي امن ۽ ترقي طرف گامزن آهيون، وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ آرمي پبلڪ اس??ول جي شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ سندس وارثن کي ص??ر جميل عطا فرمائي.