اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان صوماليه سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، اسان صوماليه سان سائنسي، فني، دفاعي ۽ سفارتي شعبن ۾ پنهنجي مسلسل معا??نت جي لاءِ تيار آهيون. اها ڳالهه هن او آءِ سي ??ي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي ا??لاس جي موقعي تي صوماليه ??ي پنهنجي هم منصب عبدالسعيد موسي علي سان ملاقات دوران چئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان صوماليه سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته عوامي سطح تي ٺوس رابطا ٻطرفن لاڳاپن جي ا??تحڪام جي لاءِ لازمي آهن، هن وقت 2000 جي لڳ ڀڳ صومالي شاگرد پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته جلد ئي ٻطرفي سياسي مشاورت جي لاءِ مفاه??ت جي ياداشت کي حتمي شڪل ڏني ويندي، اسان صوماليه سان سائنسي، فني، دفاعي ۽ سفارتي شعبن ۾ پنهنجي مسلسل معا??نت جي لاءِ تيار آهيون. پاڪستان نادرا جي ذريعي صوماليه جي قومي ڊيٽا بيس جي قيام سان گڏوگڏ فوجي تربيتي ڪورسز ۾ پڻ معا??نت جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان صوماليه سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ سڄي دنيا جي لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. صوماليه ??ي پرڏيهي وزير او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي ا??لاس جي ا??ليٰ انتظامن کي ساراهيندي پ??خلوص ميزباني تي پ??ڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.