اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو بيواهه کي گهٽ ??ين??ن ڏيڻ جو فيصلو رد ڪندي اي او بي آءِ کي 2017ع ۾ مڙس جي وفات جي تاريخ کان بيواهه کي ??ين??ن ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اها هدايت شڪايت ڪندڙ جي فوري دادرسي تي جاري ڪئي وئي، لاهور جي شهري عارف محمود جي بيواهه عائشه عارف 25 نومبر 2020ع تي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل ڪئي جنهن ۾ هن اي او بي آءِ کان 6 مهينن جي رهتن جي ادائيگي سان گڏ ??ين??ن جي منظوري جي فيصلي کي برقرار رکيو، صدارتي سيڪريٽريٽ (پبلڪ) جي هدايت موجب، انهي حڪم جي تعميل ڄاڻايل حڪم جي وصولي جي 30 ڏينهن جي اندر ڪرڻ گهرجي، ڪيس جي ٻڌڻي 14 جو??اء?? تي ٿي، صدر هڪ حڪم ۾ قرار ڏنو ته 1976ع جي ايڪٽ جي شق بي 22 جيڪا سروائيوز ??ين??ن ب??بت آهي ان تحت زنده رهندڙ شريڪ حيات ??ين??ن جو حقدار آهي، فيصلي ۾ چيو وي?? آهي ته اهو ايڪٽ جي سيڪشن 22(3) جي طرح حقدار کي ڪٿي به نٿو روڪي يا محدود نٿو ڪري، جيتوڻيڪ سيڪشن 22 بي صرف زنده رهندڙ گهرواريءَ جي ??ين??ن ب??بت آهي ۽ اهو آزاداڻي طور تي ڪم ڪند?? آهي، حڪم ۾ وڌيڪ چيو وي?? آهي ته مسلمان جي وفات تي وراثت ۽ ٻيا سمورا حق لاڳو ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، اهڙي طرح ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ ايڪٽ 1976ع جي سيڪشن 22 بي ۽ عام اصولن جي پيش نظر، اهو ظاهر آهي ته شڪايت ڪندڙ پنه??جي مڙس جي وفات جي تاريخ کان ??ين??ن جي حقدار آهي، وفاقي محتسب ان اهم رخ کي نظرانداز ڪندي ناقابل دفاع بنيادن تي درخواست ڪندڙ جي درخواست رد ڪئي، وفاقي محتسب 29 سيپٽمبر 2017ع تي پنه??جي مڙس جي وفات کانپوءِ شڪايت ڪندڙ کي ??ين??ن رهتون ڏيڻ جي خلاف ايجنسي جي فيصلي کي برقرار رکيو، محتسب پنه??جي حڪم ۾، پي او جي آرٽيڪل 2 (2) جي لحاظ کان ايجنسي جي طرفان ڪا به خراب انتظاميه نه ڏٺي، نمبر 1983 ۽ شڪايت کي وفاق محتسب (شڪايتن جي جاچ ۽ اڪلائڻ) جي ضابطي 2013 جي ضابطي 23 (3) موجب رد ڪري ڇڏيو، درخواستگذار جي مڙس کي پنه??جي وفات تائين اي او بي آءِ کان ??ين??ن ملي رهي هئي، شڪايت ڪندڙ (بيواهه) پسماندگان جي ??ين??ن جي درخواست داخل ڪئي جنهن جي ايجنسي پهرين فيبروري 2019ع کان صرف 6 مهينن جي رهتن جي ادائيگي سان منظوري ڏني هئي، صدر اي او بي آءِ کي بيواهه کي 29 سيپٽمبر 2017ع کان سموريون رهتون ادا ڪرڻ جو حڪم ڏن?? آهي.