اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ملڪيتون (قبضن جو خاتمو) آ??ڊي??نس 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت آ??ڊي??نس جاري ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آ??ڊي??نس جو مقصد سرڪاري ملڪيتن تي غيرقانوني قبضن جو خاتمو آهي، غيرقانوني قبضا ڇڏرائڻ جي لاءِ مجاز آفيسر وٽ حڪمنامو جاري ڪرڻ جو اختيار هوندو، مقرر وقت ۾ ملڪيت خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ آفيسر کي ڪارروائي ڪرڻ ۽ طاقت استعمال ڪرڻ جو اختيار هوندو. آ??ڊي??نس موجب مقامي پوليس سرڪاري ملڪيتون ڇڏرائڻ جي لاءِ انتظاميا کي ضروري مدد فراهم ڪندي، قبضن جي خا??مي تي خرچ ٿيندڙ رقم پڻ غيرقانوني قابض کان وصول ڪئي ويندي، غيرقانوني قبضو ڪندڙ ماڻهن کي قيد ۽ ڏنڊ کي پڻ منهن ڏيڻو پوندو. آ??ڊي??نس موجب قبضن جي خا??مي لاءِ صدر پاڪستان چيف جسٽس جي مشاورت سان اپيليٽ ٽربيونل جوڙيندو، سرڪاري ملڪيتن تي قبضن جي خا??مي بابت معاملن جي لاءِ اپيليٽ ٽربيونل ئي مجاز ادارو هوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) آ??ڊي??نس 2021ع پڻ جاري ڪيو. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) ??يڪ?? 2021ع جي سيڪشن 14 ۾ ترميم ڪئي وئي.