اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر سيف الله نيازي، عامر محمود ڪي??ني ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار سردار تنوير الياس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميمبر مرحوم صغير چغتائي جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خو??ني ڪئ?? وئي، ملاقات ۾ آزاد ڪشمير ۾ ايندڙ اليڪشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئ?? وئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آزاد ڪشمير جي صدر، وزيراعظم ۽ اسپيڪر جي نامزدگي جو فيصلو اليڪشن ??انپوءِ وزيراعظم پاڻ ڪندو.