اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاق??ت ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن جي موجوده سطح کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪندي واپار ۽ معيشت جي شعبي ۾ وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ ??طر??ي لاڳاپن کي اداره جاتي سطح تي هموار ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. صدر سعودي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏئي ٿو ۽ ڀائر ملڪ سان معاشي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته سعودي قيادت جو ويزن 2030ع، سرسبز سعودي عرب ۽ سرسبز وچ اوڀر منصوبو ??ائ?? تحسين آهي، صدر چيو ته ڪورونا جي دوران پاڪستاني ڪميونٽي جو خيال رکڻ تي سعودي قيادت جو ٿورائتا آهيون، عالمي وبا جي دوران حج جي ڪامياب انتظامن تي سعودي حڪومت مبارڪباد جي مستحق آهي، صدر ملاق??ت ۾ ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصوم مسلمانن تي ڀارتي ظلم ۽ ستم تي روشني وڌي ۽ چيو ته عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارتي انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪرائي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرني کي خودمختياري وارو حق ڏيڻ لاءِ ڪرد??ر ادا ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سعودي پرڏيهي وزير کي خادمين حرمين شريفين، شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ تنمائن جو پيغام به ڏنو، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سعودي پرڏيهي وزير جي دوري سان ??طر??ي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ان موقعي تي سعودي پرڏيهي وزير چيو ??ه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حقيقي طور تي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، سعودي عرب ??طر??ي تعاون جي موجوده سطح کي برقرار رکڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته سعودي قيادت پاڪستان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏئي ٿي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهشمند آهي.