اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين نه رڳو ??فا??تي طور تي هڪٻئي جي ويجهو آهن پر اسان جا لاڳاپا سياسي ۽ معاشي رخن ک??ن تمام گهڻا اڳتي آهن، 1950ع ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دفاعي تعاون سان اسان جي لاڳاپن جو آغاز ٿيو هو، 1966ع ۾ اهي اسٽريٽجڪ لاڳاپن ?? تبديل ٿيا جڏهن ??ه 1972ع ۾ معاشي لاڳاپن ۾ بدليا، هاڻي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن جو انتهائي جامع فريم ورڪ موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ چين جي ??فا??تي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه تي پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو، وفاقي وزير چيو ته اسان کي هڪٻئي سان محبت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن تي فخر آهي جنهن ??ون پاڙون عوام ۾ آهن.