اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ عمل ۾ شفافيت لاءِ آءِ ووٽنگ جي نظام جي اهميت تي زور ڏيندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته جديد سيڪيورٽي خاصيتن جي حامل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ڪيو وڃي، انٽ??ني?? ووٽنگ سسٽم سان نه رڳو سمنڊ پار پاڪستا??ين کي سهولت ملندي پر مجموعي چونڊ عمل ۾ به بهتري ايندي. هو انٽ??ني?? ووٽنگ بابت ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز بابت ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. صدر ملڪ ۾ چونڊ عمل ۾ شفافيت لاءِ آءِ ووٽنگ جو نظام متعارف ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان ڏس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته جديد سيڪيورٽي خصوصيتن جي حامل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته انٽ??ني?? ووٽنگ سسٽم متعارف ٿيڻ سان جتي سمنڊ پار پاڪستا??ين کي سهولت ميسر ايندي اتي ان سان ملڪ جي مجموعي چونڊ عمل ۾ به بهتري ايندي. صدر چيو ته چونڊ عمل جي ساک مح??وظ بڻائڻ لاءِ چونڊ سامان جي سيڪيورٽي ۽ ٻي عمل کي فول پروف ۽ شفاف هجڻ گهرجي. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزارت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري لاءِ قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني.