ملتان – 26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جي سوا ارب م??لمانن کي نبي ﷺ جي شان ۾ اظهار جي آزادي جي نالي تي ٿيندڙ گستاخي سان تڪليف پهچي ٿي، سمورن مسلمان ملڪن کي گڏائي اولهه کي اهو باور ڪرائ??ند??سين ۽ پوءِ به اهي باز نه آيا ته انهن جو واپاري بائيڪاٽ ڪري سگهون ٿا، پوءِ ان جو اثر به ٿيندو، ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام جي ش??وع??ت ٿي وئي آهي، ڏکڻ پنجاب صوبو ضرور ٺه??دو ۽ ان جي لاءِ آئيني ترميم آڻ??ند??سين، پنجاب جا ماڻهو عثمان بوزدار جي 5 سالا ڪارڪردگي کي ياد رکندا. هو ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۽ ملتان جي لاءِ 30 ارب رپين جي خصوصي ??رقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.