اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي آءِ پي پيز سان مفاهمت جي ياداشتن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ 46 آءِ پي پيز کي ادائيگين بابت عملدرآمد ڪميٽي جي رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي کنڊ جي پيداوار ۽ وڪري جي عمل جي نگراني لاءِ وڊيو ايناليٽڪس سسٽم (وي اي ايس) لڳائڻ جي سمري جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي و??ري وزير جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، عمر ايوب خان، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، اوڳاڙين و??ري خاص م??اون ڊاڪٽر وقار مسعود، پاور و??ري خاص م??اون تابش گوهر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ سيڙپڪ??ري بورڊ جي چيئرمين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. توانائي و??ري وزارت جي سيڪريٽري رهتن جي ادائيگي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي ڏس ۾ ڪميٽي کي عملدرآمد ڪميٽي جي آءِ پي پيز سان مفاهمت جي دستاويزن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ بابت تفصيلي رپورٽ تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته عملدرآمد ڪميٽي رهتون ڪليئر ڪرڻ جي ڏس ۾ 30 نومبر 2020ع تائين 46 آءِ پي پيز کي ادائيگي جي طريقيڪار تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، اي سي سي عملدرآمد ڪميٽي ۽ لاڳاپيل ماڻهن ۽ وزارتون خاص طور توانائي و??ري وزير، منصوبابندي و??ري وزير، پاور و??ري خاص م??اون، ناڻي و??ري وزارت، فيڊرل لينڊ ڪميشن جي چيئرمين، اوڳاڙين و??ري خاص م??اون ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر پاران آءِ پي پيز کي رهتن جي ادائيگي لاءِ عمل جوڳو طريقيڪار جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ساراهيو. ان سان انهن پروجيڪٽ جي سراسري عمر تائين پاڪستان جي حڪومت کي 836 روپين جي بچت ٿيندي، اقتصادي ڪميٽي عملدرآمد ڪميٽي جي رپورٽ جي منظوري ڏني ۽ ان کي حتمي ??نظوري لاءِ ڪابينا آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.