اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته ڀارتي مدد سان پاڪستان ۾ ڪيل دهشتگردي، ڪشمير ۾ ان جي ظلمن ۽ 15 سالن کان اسان جي خلاف برپا ان جي ڊس انفارميشن مهم جو پردو هٽي ٿي چڪو آهي، ڀارتي ميڊيا پاڻ مودي سرڪار سان ڳٺ جوڙ کي بي نقاب ڪ??و آهي، پاڪستان ڀارت جي جارحاڻي ارادن ۽ مودي سرڪار جي سفاڪيت تان پردو هٽائيندو رهندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته 2019ع ۾ جنرل اسيمب??ي کي پنهنجي خطاب ۾ مون ٻڌايو ته سفاڪ مودي سرڪار بالاڪوٽ واقعي کي ڪيئن پنهنجي چونڊ فتح لاءِ استعمال ڪيو. هاڻي پنهنجي سياه ڪارين ??ي حوالي سان مشهور ڀارتي صحافي جي تازه ڪميونڪيشن سان مودي سرڪار ۽ ڀارتي ميڊيا وچ ۾ ناپاڪ ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿ??و آهي.