اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته جيڪي قومون پنهنجي هيروز کي ياد رکنديون ۽ انهن جي فڪر کي اڳتي وڌائينديون آهن اهي ئي حقيقت ۾ پوئتي پيل طبقن جي مسئلن کي حل ڪندي ترقي جا هدف حاصل ڪنديون آهن، احمد فراز پاڪستان جو اثاثو هيو جنهن پنهنجي شاعري جي ذريعي پوئتي پيل طبقن جي ترجماني ڪئي، پاڪستان جي عوام احمد فراز کي جيڪا محبت ڏني ان جو مثال نٿو ملي. هو اي?? ايٽ قبرستان ۾ پنهنجي والد سيد احمد ش??هه (احمد فراز) جي جنم ڏينهن جي موقع?? تي فاتحه خواني کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو.