اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته راولپنڊي ا??لام آباد سميت 8 شهرن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري بند سينيمائُون کولڻ جي ا??ازت ڏني وئي آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اميد آهي ته لاهور ۽ ڪراچي جي انتظاميه ويڪسينيشن ڊرائيو کي وڌائيندي ته جيئن ايندڙ ڏينهن ۾ انهن شهرن جي سينيما به کلي سگهن. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اين سي او سي جي ا??لاس ۾ ڪيل فيصلن جو ن??ٽي??ڪيشن به شيئر ڪيو.