اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته شهباز شريف ??هڙ?? ڳالهه جي خوشي ملهائي رهيو آ??ي، ڪنٽونمنٽس جي اليڪشن ۾ سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۾ انهن جي پارٽي جو صفايو ٿي ويو آ??ي، انهن جي پارٽي سڪڙجي هڪ ريجن جي پارٽي بڻجي چڪي آهي، (ن) ليگ جو پراڻو شيوو آ??ي جتان اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف، جتان شڪست ملي اتي ڌانڌلي جي واويلا شروع ??ن ٿا، سڄي ملڪ جي ڪنٽونمنٽس ۾ ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ پهرين نمبر تي آهي، جيڪڏهن ٿوري به اخلاقي جرئت شهباز شريف ۾ هجي ها ته ان ڳالهه جو ضرور اعتراف ڪري ها ته پهرين نمبر تي پي ٽي آءِ آهي. شهباز شريف جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪنهن پارٽي جي مطالبي جي ڪا حيثيت نه آهي، صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ماضي ۾ پراڻي نظام تحت ٿيندڙ اليڪشن تي ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهيا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ئي شفاف اليڪشن جي ضامن آهي، مخالف ڌر هر معاملي تي سياست ڪري پر نظام کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ذاتي مفادن کي پٺتي وجهي حڪومت جو ساٿ ڏي. هن چيو ته 2018ع ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست ڏيندڙ هاڻي 2023ع جي اليڪشن ۾ شڪست ??ا خواب ڏسي رهيا آهن، انشاءَ الله ناڪامي ۽ شڪست 2023ع ۾ به انهن جو مقدر بڻجندي. هن چيو ته وارا لڳائيندڙن ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو، پهريون ڀيرو آءِ ايم ايف وٽ به اهي ئي ويا. هن چيو ته شهباز شريف صاحب، حڪومت تي تنقيد کان اڳ پنهنجي ضمانت تي لنڊن ڀڄائي وٺي ويندڙ ڀڳوڙي ڀاءُ کي واپس آڻيو.