ڪراچي – 19 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ويزن 2030ع موجب ملڪ ۾ صحت جي سهولتن جو مع??ار بلند ڪرڻ جي لاءِ نرسنگ جي شعبي کي عالمي مع??ار سان هم آهنگ تعليم ۽ تربيت ??ي زور ڏيندي چيو آهي ته نرسن جي لاءِ ماسٽر ٽرينرز جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. گورنر هائوس ۾ ينگ نرسز ايسوسيئيشن (وائي اين اي) سنڌ جي وفد سان ملاقات ۾ صدر نرسنگ جي پيشي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته هيومن ڊيولپمينٽ انڊيڪس ۽ ويزن 2030ع جا هدف حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ هي شعبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن پاڪستان نرسنگ ڪائونسل (پي اين سي) ??ي زور ڏنو ته نرسن کي مع??اري تعليم ۽ نرسنگ جي بهترين اصولن تي عملدرآمد جي لاءِ ماسٽر ٽرينرز جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن.