اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اعليٰ تعليم جو فروغ ملڪ جي ترقي جي وسيلو آهي، صوبن جي مشاورت سان تعليم جي بجيٽ ۾ اضافي جو پڪو ارادو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزير شفقت محمود ۽ وزيراعظم ٽاسڪ فو??س براءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي وقتي چيئرمين انجنيئر فاروق بزائي، ايڇ اي سي جي ا??گزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شائسته سهيل، ??ياٽيل جي چيئرمين راشد خ??ن، ٽيلي تعليم جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر اسد ڪريم ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت ٽاسڪ فورس جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان اجلاس کي اعليٰ تعليم جي فروغ جي لاءِ ايڇ اي سي کي گهربل وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.