اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جيڪڏهن ڪ?? وزارت پاڪستان جي تقدير بدلائي سگهي ٿي ته اها سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هو وزيراعظم جو ٿورائتو آهي جنهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري و??رت ۾ ضم ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان پاڪستان کي علم ??ي معيشت جي هڪ مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته آئون پنهنجي ٽيم جو به ٿورائتو آهيان جنهن بهترين طريقي سان ڪم ڪيو.