اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خودمختياري کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي ڀرپور ۽ مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي عالم?? برادري خاص طور تي گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل کي چيو آهي ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ راءِ شماري ڪرائڻ جي حوالي سان پنهنجا واعدا پورا ڪري. خودمختياري واري حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم پنهنجي پيغام چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو سڌو سنئون ڌر هجڻ جي ناطي پاڪستان گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب گڏيل قومن ??ي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ شماري ڪرائڻ لاءِ زور ڏيندو رهندو، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي بنيادي انساني حقن ک?? برقرار رکڻ جي گڏيل قومن ??ي واعدي کي 72 سال پورا ٿيڻ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 5 جنوري 1949ع جي ڏينهن گڏيل قومن ??ي هندستان ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آءِ پي) واعدو ڪيو هو ته گڏيل قومن ??حت آزاداڻي ۽ ??ير??انبداراڻي راءِ شماري جي ذريعي ڪشميرين کي خودمختياري وارو حق ڏنو ويندو.