اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لا??اپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر چيني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ منفرد نوعيت جا دوستاڻا لا??اپا دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهن، ٻنهي دوست ملڪن جا لا??اپا گڏيل احترام، اعتماد، مفادن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي هموار آ??ن. ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ لا??اپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن، چين ۽ پاڪستان علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکندڙ آهن ۽ ٻنهي دوست ملڪن علائقائي۽ عالمي فورمن تي هڪٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.