اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت جو صحت سهولت جو پروگ??ام سماجي صحت جي تحفظ جو هڪ عالمگير فليگ شپ پروگ??ام آهي، جنهن وسيلي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي علاج جي مفت سهولتن جي فراهي يقيني بڻائي ويندي آهي. اهو پروگ??ام انڊور پيشنٽ جي سارسنڀال ۽ علاج لاءِ آهي تنهن هوندي به مستقبل ۾ ان جو دائرو آئوٽ ڊور مريضن تائين وڌاي?? ويندو. مستحقين جي چونڊ بينظير انڪم سپورٽ پروگ??ام ذريعي ڪئي ويندي آهي جنهن جي نادرا تصديق ڪندو آهي، سرڪاري ذريعن موجب قومي خوشحالي سر??ي جي ذريعي غربت بابت ڊيٽابيس کي شامل ڪي?? ويندو، 2016ع کان 2018ع جي دوران ان پروگ??ام جي پهرين مرحلي جو آغاز ڪي?? ويو جنهن جو مرڪز غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ خاندان آهن. ان پروگ??ام تحت گهٽ خرچ وارين بيمارين جي لاءِ ساليانو 50 هزار جڏهن ته 2 لک 50 هزار روپيا هر ان خاندان کي فراهم ڪيا پيا وڃن جن ۾ 7 ترجيحي بيمارين مان ڪنهن هڪ جي نشاندهي ٿيندي، ان عرصي دوران اهو پروگ??ام سڄي ملڪ جي 38 ضلعن ۾ شروع ڪ???? ويو جنهن ۾ 32 لک خاندانن کي پهچ ڏني وئي آهي. 2019ع ۾ ان پروگ??ام جي ٻئي مرحلي جو آغاز ڪي?? ويو، ان پروگ??ام تحت اهڙيون بيماريون جنهن جا گهٽ خرچ آهن في خاندان 60 هزار روپيا جڏهن ته اهڙين بيمارين جنهن جا خرچا وڌيڪ ايندا هجن انهن تي في خاندان 3 لک روپيا ڏنا ويا ۽ ان جو دائرو 92 لک خاندانن تائين وڌاي?? ويو، اهو پروگ??ام آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت گلگت بلتستان، پنجاب، ٿرپارڪر ۽ خيبرپختونخواهه جي پٺئتي پيل ضلعن جي ضرورتمند خاندانن کي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، قومي صحت ڪارڊ جي پروگ??ام ۾ مريضن جا آپريشن، دل جي مريضن کي اسٽنٽس وجهڻ، ڪينسر جي مريضن جي علاج، نيورو سرجيڪل پروسيجر، باهه سبب سڙيل مريضن جو علاج، حادثن ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهو، گردي جي مريضن جي لاءِ ڊائيلاسز، انتهائي نگهداشت جي سهولت ۽ ٻي ضروري طبي امدادي فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته عورتن جي لاءِ ميٽرنٽي پيڪيج فراهم ڪي?? ويو آهي، هلندڙ مالي سال جي دوران وفاقي حڪومت ڪوشان آهي ته ان پروگ??ام جو دائري ڪار آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي 12 لک خاندانن تائين وڌايو وڃي، وزيراعظم جي قومي هيلٿ سر??سز بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته وزيراعظم عالمگير هيلٿ ڪوريج ويزن تحت نيشنل هيلٿ سر??سز واري وزارت صوبن ۽ علائقن جي سهڪار سان صحت سهولت پروگ??ام کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. مريضن جي اطمينان جي جائزي مان ظاهر ٿيو آهي ته 97.5 سيڪڙو اطمينان بخش شرح سامهون آئي آهي، موجوده حڪومت صحت پروگ??ام جي قبائلي علائقن تائين توسيع ڏئي ڇڏي آهي. نادرا سان رجسٽرڊ معذور ماڻهن جي لاءِ به اها سهولت دستياب هوندي، پروگ??ام جي اهميت کي نظر ۾ رکندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي منشور تحت سمورن شهرين کي معياري سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سڄي پاڪستان ۾ صحت سهولت پروگ??ام تحت صحت انصاف ڪارڊ پروگ??ام کي سگهه ڏيندي، ان پروگ??ام تحت غريب خاندانن کي انڊور هيلٿ ڪيئر سر??سز جي لاءِ مفت هيلٿ انشورنس فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته مريضن جي علاج کانپوءِ کين گهرن ۾ منتقلي جي لاءِ ٽرانسپورٽيشن جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي.