اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرد??ري چيو آهي ته توانائي جي وڌندڙ ق??مت?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سڀني جي لاءِ لاڀائتو حل ڳولڻو پوندو، ڪيپسٽي چارجز جي مسئلي جو قابل عمل حل تيار ڪرڻ جي لاءِ ڪاروب??ري برادري هڪ ڪميٽي جوڙي، ڪميٽي توانائي جي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ صدر جي آفيس سان گڏجي ڪم ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرد??ري ڊاڪٽر گوهر اعجاز جي قيادت ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد کي خطاب ڪري رهيو هو. وفد ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ واپارين ۽ 40 علائقائي ڪاروب??ري تنظيمن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرد??ري جو چوڻ هو ته صدر جي آفيس ڪاروب??ري برادري جي ڪميٽي سان هر ممڪن تعاون ڪندي، حڪومت، عوام، واپ??ري برادري، پيداو??ري ڪمپنين سميت سڀني جي لاءِ لاڀائتو حل ڳولڻ گهر??ي، متفقه حل تيار ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن ڌر کي نقصان نه ٿئي. صدر چيو ته پاڪستان جي ڪاروب??ري ادارن کي درپيش مسئلن کان آگا??ه آهيان، ادراڪ آهي ته مهانگي کاڄرو مال، توانائي ۽ ٻارڻ جي ڪري ڪاروب??ري شعبي کي مشڪلاتون درپيش آهن. هن چيو ته توانائي جي وڌندڙ ق??مت?? سان عوام، صنعتن، زراعت ۽ روانگي واپار جي شعبي تي بار پئجي رهيو آهي، توانائي جي ق??مت?? ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ توانائي شعبي ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. اعجاز گوهر جو چوڻ هو ته صدر کي درخواست آهي ته توانائي جي ق??مت?? جي معاملي ۾ مداخلت ڪري. صدر پاڪستان جي صنعتن ۽ ڪاروب??ري ادارن کي درپيش مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر وفد کي مسئلن جي حل، لاڳاپيل ڌرين آڏو معاملو اٿارڻ ۾ تعاون جو يقين ڏياريو.