اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته پاڪستان ۽ ايران پنهنجي عوام جي لاءِ بهتر مستقبل جي تعمير جو گڏيل ويزن رکن ٿا. س??اج?? رابطي جي ويب سائيٽ تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چ??و ته اڄ اسلامي جمهوريه ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي ڳال??ه ٻولهه دوران کيس ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي خوشي ٿي. هن ??يو ته اسان خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن ۽ علائقائي استحڪام جي لاءِ مضبوط حصيداري کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چ??و ته ڀائر ۽ پاڙيسري هجڻ جي ناطي ٻئي ملڪ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ گڏجي هڪ بهتر مستقبل جي تعمير جو گڏيل ويزن رکن ٿا.