اسلام آباد-12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 25-2024ع لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي 141 جاري ۽ 20 نين اسڪيمن لاءِ 60 هزار ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي تحت بجيٽ دستاو??ز مطابق جاري اسڪيمن لاءِ تقريبن 41,871.792 ملين رپيا ۽ نين اسڪيمن لاءِ 18,128.208 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. جاري اسڪيمن ۾ افغان شاگردن کي علامه محمد اقبال جي 3 هزار وظيفن لاءِ 900 ملين ر??يا?? شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي اڪيڊمڪ بلاڪ جي تعمير لاءِ 450 ملين ر??يا?? باچا خان يونيورسٽي، چارسده جي ترقي ۽ نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز (نمز) جي ترقيءَ لاءِ 400 ملين ر??يا?? گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي فيصل آباد جي ڪيمپس جي قيام لاءِ 400 ملين ر??يا?? ڪامياب جوان اسپورٽ اڪيڊميز (هاءِ پرفارمنس اينڊ ريسورس سينٽرز) ۽ـ يوٿ اولپمپڪس- ايڇ اي سي جي قيام لاءِ 500 ملين ر??يا?? بلتستان اسڪردو يونيورسٽيءَ جي قيام لاءِ 500 ملين ر??يا?? فلبرائٽ اسڪالرشپ سپورٽ پروگرام ايڇ اي سي- يو ايس ايڊ (فيز ٿري) لاءِ 759 ملين ر??يا?? ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي جي اوورسيز اسڪالرشپ لاءِ 3890 ملين ر??يا?? پاڪ- آمريڪا ناليج ڪوريڊور (فيز ون) تحت پي ايڇ ڊي اسڪالرشپ لاءِ 3 هزار ملين ر??يا?? انسٽيٽيوٽ آف اسپورٽس جي قيام لاءِ 100 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ايڇ اي سي جي نين اسڪيمن لاءِ وزيراعظم ليپ ٽاپ ا??ڪيم لاءِ 6000 ملين، جڏهن ته نظرثاني ٿيل پروگرام لاءِ 10 هزار ملين ر??يا?? وزيراعظم يوٿ انٽرن شپ پروگرام لاءِ 30 ملين ر??يا?? مينيوفيڪچرنگ ٽيڪنالاجي، آٽومشن ۽ انوويشن سينٽر جي قيام لاءِ 100 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن.