راولپنڊي-10 جون(اي پي پي) لڪي مروت ضلعي ۾ بارودي ??نگهه جي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ڪيپٽن محمد فراز الياس، صوبيدار ميجر محمد نذير، لانس نائيڪ محمد انور، لانس نائيڪ حسين علي، سپاهي اسد الله، سپاهي منظور حسين ۽ سپاهي راشد محمود جي جن??زي نماز بنون ۾ ا??ا ڪئي وئي. جن??زي نماز ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور، حاضر سروس آفيسرن، جوانن ۽ عوام شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن جا مڙهه اباڻي علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا جتي کين مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ده??تگردي ??ي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر شهيدن جون اهي قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏين ٿيون.