شينزن – 05 – جون (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ڪاروباري معاهدن ۾ بزنس ٽو بزنس سرگرمين کي عملي طور تي فروغ ملندو جڏهن ته چين کي پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪرڻ جي لاءِ هڪ منفرد پليٽ فارم مهيا ٿيندو. چين جي دوري جي موقعي تي شينزن ۾ صحافين سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ڪانفرنس ۾ چين جي 500 ۽ پاڪستان مان 100 ڪمپنين جي شرڪت حوصلي جوڳي آهي، 32 ايم او يوز تي صحيحن سان ٻنهي طرفن جي بزنس ڪميونٽي ڳنڍجي وئي، ڪاروباري معاهدن ۾ بزنس ٽو بزنس سرگرمين کي عملي طور تي فروغ ملندو. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته انهن معاهدن سان چين کي به پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪرڻ جي لاءِ منفرد پليٽ فارم مل??دو?? پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سان چين کي به ٻين ملڪن کي ڊائريڪٽ ايڪسپورٽ جو موقعو مل??دو?? پاڪ چائنا بزنس جي فروغ سان پاڪستاني ڪمپنين جي ايڪسپورٽ ۾ پڻ اضافو ٿي??دو?? بزنس ۾ رابطا هموار ٿيڻ سان لانگ ٽرم حصيداري جا دروازا کلن ٿا. وفاقي وزير چيو ته پاڪ چائنا بزنس فورم جو انعقاد ڪامياب ترين ۽ غيرمعمولي اهميت ر??ندڙ آهي، وزيراعظم جو چين سان حصيداري جو ويزن بهتر انداز ۾ پڄاڻي طرف ??امزن آهي، ٻطرفي واپار سان پاڪ چين بزنس ڪميونٽي جي وچ ۾ اعتماد کي فروغ مل??دو?? شينزن ۾ ان کان اڳ ڪا بزنس ڪانفرنس ايتري قدر ڪامياب ناهي ٿي.