شينزن -04 جون (اي پي پي) پاڪستاني وفد بزنس ٽو بزنس اجلاس لاءِ چي?? جي شهر شينزن پهچي ويو، 79 پاڪستاني ڪمپينن جا نمائندا چي?? جي ڪمپني?? جي اڳواڻن سان ملاقات ڪندا. پلاننگ ڪميش?? جي ترجمان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف به پنهنجي چي?? جي دوري جي پهرين مرحلي ۾ شينزن ۾ جديد آءِ ٽي ڪمپني?? جي عهديدارن سان ملاقات ڪندو. ان موقعي تي فضل اسٽيل جي الياس عزيز ملڪ چيو ته اهڙي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ چاه??ون ٿا جيڪا پاڪستان ۾ بهتر طريقي سان ڪم ڪري سگهي. ان مقصد لاءِ مان چين آيو آهيان. چيني به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا کين هڪ بهترين شراڪتدار جي ضرورت آهي. اسا?? جي ڪوشش هوندي ته چيني وڌ ۾ و?? پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ پاڪستا?? جي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ٿئي. سوگو گروپ آف ڪمپنيز جي عبدالخليق جعفراڻي چيو ته چي?? جي ترقي اسان آڏو آهي. منهنجي ڏاڏي 1950ع جي ڏهاڪي کان اڳ چين ۾ ڪاروبار شروع ڪيو هو اڄ اتي چوٿون نسل ڪم ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي سان ملڪ ترقي ڪندو. پاڪستان ۾ بجلي جي کوٽ جو مسئلو آهي. سولر پينل ۽ انورٽر تيار ڪرڻ جي شعبي ۾ ڪم ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن پاڪستان اندر مينيوفيڪچرنگ ٿيندي ته ان مان وڌيڪ فائدو کڻي سگهبو. موجوده حڪومت جي قدمن عيوض ملڪي ترقي ڪندو?? پاڪستان ۾ صنعتون لڳڻ سان ملڪ کي ئي فائدو پهچندو. فوٽون برينز جي فيضان فيض چيو ته حڪومت ڪاروباري شخصيتن کي سهولتون ڏئي رهي آهي. پهريان واري شخصيتن کي پنهنجا گراهڪ پاڻ ڳولڻا پوندا هئا. حڪومت طرفان بزنس ٽو بزنس گڏجاڻين ۾ سهولت?? جي فراهمي سٺو سنوڻ آهي، اسان ملڪ ۾ چي?? جي سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ پراميد آهيون.