تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ايران جي اوڀر آذربائيجان صوبي ۾ 19 مئي تي افسوسناڪ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي لاءِ اس??امي جمهوريه ايران پهتو. نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ ساڻس گڏ آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اس??امي جمهوريه ايران جي سپريم ليڊر آيت ال??ه سيد علي خامنه اي سان ملاقات ۾ وز??را??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران تعزيت پيش ڪئي. مرحوم صدر رئيسي جي اپريل 2024ع ۾ پاڪستان جي تازي دوري کي ياد ڪندي وز??را??ظم پاڪستان ايران ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس ساراهه جوڳي ڪردار کي اجاگر ڪيو. وز??را??ظم صدر رئيسي کي هڪ ويزنري اڳواڻ قرار ڏنو جنهن پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ خدمت لاءِ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان امت جي اتحاد ۽ غزه جي گهيري هيٺ آيل عوام جي لاءِ صدر رئيسي جون خدمتون تاريخ ۾ لکيون وينديون. هن علائقائي امن ۽ ڳالهين جي فروغ ۾ مرحوم پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. وز??را??ظم قومي سانحي جي هن گهڙيءَ ۾ اس??امي جمهوريه ايران جي عوام سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن اس??امي جمهوريه ايران جي حڪومت ۽ عوام سان دوستي ۽ ڀائيچاري جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.