اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي گهري صدمي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صدر ا??راهيم رئيسي مسلمان امت جي اتحاد جو وڏو حامي هو، عالم اسلام هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ صدر آصف عل?? زرداري ايراني صدر ا??راهيم رئيسي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ايراني صدر فلسطيني ۽ ڪشميري عوام سميت عالمي س??ح تي مسلمانن جي درد ک?? دل سان محسوس ڪندو هو، اڄ ??اڪ??تان هڪ عظيم دوست کي وڃائڻ تي سوڳوار آهي. هن چيو ته گذريل مهيني اسان کي ??اڪ??تان ۾ سندس ميزباني جو اعزاز حاصل ٿيو، اسان جي ڳالهه ٻولهه دوران مون کيس ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم ڏٺو، آغا رئيسي سدائين ??اڪ??تان ۽ ان جي عوام کي خاص مقام ڏيندو هو، صدر رئيسي جو لاڏاڻو نه رڳو ايران پر پوري مسلمان امت جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. هن چيو ته صدر رئيسي کي علائقائي ۽ اسلامي ملڪن سان لاڳاپا وڌائڻ جي ڪوششن تي ايران ??اڪ??تان ۽ اسلامي دنيا ۾ ياد رکيو ويندو، الله تعاليٰ سندس روح کي سڪون عطافرمائي، ناقابل تلافي نقصان جي هن گهڙيءَ ۾ ان جي گهرڀاتين ۽ ايران جي عوام کي صبر ۽ استقامت عطا فرمائي.