اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 4 ۽ 5 مئي تي گيمبيا جي شهر (بانجول) ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) جي 15 هين سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 2 ۽ 3 مئي تي او آءِ سي ڪائونسل آف فارن منسٽرز جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو جنهن ۾ سربراهي اجلاس جي ايجنڊا کي حتمي شڪل ڏني ويندي. بيان موجب اهو اجلاس مسلمان ام?? جي لاءِ اهڙي مشڪل وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن ??زه جي عوام مسلسل جنگ واري حالت ۾ آهي. اهو اسلامي ملڪن جي سربراهن جي لاءِ هڪ اهم موقعو هوندو جتي اهي ??زه جي صورتحال تي غور ڪن ۽ هڪ مضبوط، گڏيل ۽ متفقه موقف اختيار ڪن. سربراهي اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ??زه ۾ تازي نسل ڪشيءَ، ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ??مون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي خودمختياري جي حق، مسلمان ام?? جي اتحاد ۽ يڪجهتي، اسلامو فوبيا ۾ اضافي، دهشتگردي ۽ عالمي چئلينجن بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اجلاس ۾ شريڪ سربراهن ۽ پرڏيهي و??ير?? سان ملاقاتون پڻ ڪندو.