اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ ٽيلنٽ کي راغب ڪرڻ ۽ برقرار رکڻ جي لاءِ نوان قدم کنيا ويندا، باصلاحيت پيشيور ماڻهو ۽ فني ماهر اسان جي موجوده گورننس جي نظام ۾ جدت آڻي ان کي وڌيڪ موثر بڻائيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت ۾ ملڪ ۾ نئين ٽيلنٽ جي فروغ ۽ وفاقي وزارتن جي ??لاحيت وڌائڻ جي ??والي سان اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزارتن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ??والي سان عالمي شهرت رکندڙ ماهرن ۽ ڪنسلٽنٽس جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي ??والي سان تجويزن تي غور ڪيو و??و. ??زيراعظم چيو ته پاڪستان کي عالمي سطح جو ٽيلنٽ پول جوڙڻ گهرجي ڇو ته هي اهڙو دور آهي جنهن ۾ ڪنهن به قوم جي ڪاميابي ۾ ٽيلنٽ ئي سڀ کان وڏو فرق پيدا ڪري ٿو. ان کانسواءِ وزيراعظم شهباز شريف حڪومتي پاليسي پروگرامن تي موثر عملدرآمد جي لاءِ اهل ۽ باصلاحيت ڪارڪنن جي ??ياري جي ??ريقن ۽ غيرجانبداري جي ??صولن تي قائم ۽ ميرٽ تي ڀرتي ڪرڻ جي ??والي سان اهم اجلاس جي پڻ صدارت ڪئي. وزيراعظم چيو ته باصلاحيت ٽيلنٽ کي راغب ڪرڻ ۽ ان کي حاصل ڪرڻ تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ??رورت آهي جهڙي طرح اسان کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ان کي حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ??رورت آهي. ڪاروباري برادري اهڙين جاين تي سيڙپڪاري چاهي ٿي جتي ٽيلنٽ هجي، سياست ۽ پاليسيون مستحڪم هجن ۽ سسٽم ڪم ڪري. وزيراعظم پاڪستان ۾ ٽيلنٽ جي ??رورت جي ??هتر حصول ۾ مدد جي لاءِ وزارتن ۾ تازي فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ ۽ واضح ڪرڻ جي لاءِ پاليسي جوڙڻ جي لاءِ ناڻي واري وزير جي ??ربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ۽ ان کي پنهنجون تجويزون جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ پاليسي سازي جي ??طح تي فني معاونت جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو ويو جيڪو سول سروس ۾ نيون مهارتون تيار ڪرڻ، وڏن منصوبن جي ??نتظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ڊيجيٽل دور جي گهرجن موجب آڻڻ جي لاءِ ضروري آهي. اجلاس جي ??رڪت ڪندڙن ٻاهرئين ملڪ مان ماڻهن جي مقرري ۾ ٽائيم اسڪيل طريقيڪار جهڙين رڪاوٽن کي اجاگر ڪيو جنهن جي ڪري بهترين اميدوارن کي صحيح طريقي سان ڳولي نه ٿو سگهجي ۽ پگهارن جي ??دائيگي جهڙن مسئلن سان بهترين ٽيلنٽ خاص طور تي اهڙا علائقا جتي هنرمند ماڻهن جي کوٽ هجي، ڳولا ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير احد چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردا?? اويس احمد خان لغاري، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر موجود ??ئا.