اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ اٽل?? جي وچ ۾ زراعت، ٽيڪنالاجي، تعيلم ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون، سيڙپڪاري ۽ واپاري رابطن کي فروغ ڏي?? جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ اٽل?? جي سفير اينڊريس فرارس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ اٽل?? جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته اٽلي سان پاڪستان جا پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مائيگريشن، زرعي ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ سياحت ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ تعاون کي فروغ ڏي?? جي ضرورت تي زور ڏنو. اٽل?? جي سفير پاڪستان ۾ قيام دوران مثالي تعاون تي ٿورا مڃيا. هن نگران وزيراعظم کي پنهنجي سفارتي مدي دوران ٿيندڙ اهم اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو. هن اٽل?? جي اقتصادي ترقي ۾ پاڪستانين جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم عهدو ڇڏيندڙ سفير جي اڳت?? جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.