اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? آهي ته پاڪستان ۽ چي?? جي دوستي رڳو نعرن تائين محدود نه آهي، ٻنهي ملڪن جي ل??ڳاپن جو مستقبل انتهائي روشن آهي، صدر شي جي عالمگير ترقي جي نظريي جي دنيا معترف آهي، صدر شي سدائين انسانيت جي ل??زوال اصولن کي فروغ ڏنو. نئون سال شروع ٿيڻ تي چائنا ريديو انٽرنيشنل کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ عوامي جمهوريه چي?? جي عوام کي نئين سال تي مبارڪباد ڏيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان ۽ چي?? جا لاڳاپا سدائين سدابهار رهي?? آهن، ڪا به حڪ??مت يا موسم هجي، چي?? پاڪستان جي ل??ڳاپن ۾ سدائين بهار رهي آهي ۽ رهندي. هن چي?? ته عوامي جمهوريه چي?? جي صدر شي جن پنگ جي نئين سال جي پيغام جي آجيان ڪريان ٿو ته هن انسانيت جي ل??زوال اصولن کي فروغ ڏنو. هن چي?? ته جڏهن کان چي?? پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي جي شروعات ٿي پاڪستان ۽ چي?? جا لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي?? آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ واپار کي فروغ مليو آهي. هن چي?? ته سي پيڪ پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن تي عوامي جمهوريه چي?? ۽ چي?? جي قيادت جا ٿورائت?? آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته صدر شي جن پنگ جي ترقي جو نظريو ڪنهن جزيري جي ترقي نه پر هڪ عالمگيريت تي ٻڌل نظريو آهي ته ڪو ملڪ باقي دنيا کان جدا رهي ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ڪو هڪ ملڪ امير ٿي وڃي ۽ باقي دنيا اسرندڙ رهي، ترقي هڪ ٻئي سان گڏجي ئي ممڪن آهي. هن چي?? ته ترقي جا ثمر ۽ فائدا تڏهن ئي پهچن ٿا جڏهن ترقي محدود نه رهي. مرتضيٰ سولنگي چي?? ته چي?? جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو ترقي جي هڪ نئين نظريي کي جنم ڏنو آهي جنهن جي دنيا هاڻي قدر ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چي?? ته صدر شي جن پنگ ۽ عوامي جمهوريه چي?? جو نظريو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪ قبول ڪيو آهي، آفريقا جي ڪيترن ئي ملڪن سان چي?? جو تعاون جاري آهي، اسان جي خطي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ به عالمگيريت تي ٻڌل ترقي جي اهو نظريو وڌي رهيو آهي. هن چي?? ته وچ ايشيا جا ڪيترائي ملڪ اڳ ۾ ئي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي منصوبن تي عمل ڪري رهي?? آهن جڏهن ته يورپ جي اندر به ان جي قبوليت ٿي رهي آهي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ صدر شي جن پنگ جو عالمگيريت تي ٻڌل نظريو وڌيڪ وڌندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته سي پيڪ جي جڏهن شروعات ٿي ته وڌيڪ ڌيان توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن تي هو، هن وقت سي پيڪ تحت ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪم ٿي رهيو آهي. هن چي?? ته انفارميشن ٽيڪنالاجي، مائننگ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، زراعت، ايگرو بيسڊ انڊسٽري ۽ ٽوئرازم جي شعبن ۾ تعاون وڌي رهيو آهي، تعاون جا نوان رستا کلندا پيا وڃن. هڪ سوال تي هن چي?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هزارين پاڪستاني شاگرد ۽ شاگردياڻيون چي?? جي مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهي?? آهن. اهي ماڻهو پنهنجا تجربا گڏ آڻيندا. هن چي?? ته ريديو پاڪستان ۽ چائنا ريڊيو انٽرنيشنل جي وچ ۾ تعاون جي نتيجي ۾ اسان جا پروفيشنلز چي?? ويا ته انهن خوشگوار تجربا پاڻ سان گڏ آندا. هن چي?? ته پاڪ چي?? دوستي رڳو نعرن تائين محدود نه آهي. هن چي?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو مستقبل تمام روشن آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته سي پيڪ تحت ٿيندڙ ترقي ماڻهن جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آندي آهي، ميڊيا ان ڏس ۾ ماڻهن جي زندگين تي سي پيڪ جي مثبت اثرن کي سامهون آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.